شڪارپور پبلڪ لائبريري

شڪارپور پبلڪ لائبريري

شڪارپور پبلڪ لائبريري

شڪارپور پبلڪ لائبريري: شڪارپور ۾ 1873ع ڌاري فرينڊس سوسائٽي ريڊنگ روم جي نالي سان هڪ ننڍڙي لائبرريءَ جو وجود پيو. ٽن سالن کانپوءِ 1876ع ۾ ايجوڪيشنل انسپيڪٽر نارائڻ جگناٿ جي ڪوشش سان سندس نالي تي هڪ وڏي لائبريري قائم ڪئي وئي، تقريباً هڪ سؤ سالن کان وڌيڪ عرصي بعد ان پراڻي بلڊنگ کي ڊهرائي 1979ع ۾ نئين سر لائبريري جي عمارت تيار ڪئي وئي، جنهن جو نالو شڪارپور پبلڪ لائبريري رکيو ويو. ان دوران پراڻا ڪتاب گم ٿي ويا، پر پوءِ به هن وقت ڪن ڪتابن جا قديم ايڊيشن موجود آهن. لائبرريءَ ۾ ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي.


لفظ شڪارپور پبلڪ لائبريريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو